ٻالپوري آستان

ٻالپوري آستان: هي هندن جو آشرم 50 سال پراڻو ديھه ڀال، تعلقي ٿاڻي بولاخان. لالاڻي مقام کان ٣ ڪلو ميٽر اولھ ۾ آهي. ھي عمارتن جو ميڙ ٽن ايڪڙن ۾ پکڙيل آھي، سڀ سادي نموني سيمنٽ سان پلستر ٿيل آھن. ڀتين تي ڪي لکتون آھن. ٻاھران ايندڙن لاءِ لانڍيون ۽ رھائشي ڪوارٽر ٺھيل آھن. رڌ پچاءَ لاءِ الڳ بورچيخانا، ۽ پاڻيءَ جون سبيلون ٺھيل آھن. عمارت لڳ قدرتي ڏيک آھن. جيڪي عمارت جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو آڻين ٿا. ڇت ۾ لوھي گرڊر استعمال ٿيل آھن. ھي آشرم ليکجڻ گھرجي. پري کان عمارتون جھونيون، ڄڻ ڪنھن بنواسي يا رشيءَ جي رھائش وانگر لڳن ٿيون، پر فني طور ھيءَ عمارتون ٥٠- ٦٠ سالن کان وڏيڪ عرصي جون نھ آھن. ھي مذھبي قسم جي عمارتن جو ميڙ ڪنڊائتو پر سٺي ھنڌ ٺھيل آھي، خاص طور تي پاڻيءَ جو چشمو ۽ آس پاس جا گھاٽا وڻ هن جي سونهن وڌائين ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو